بختاور ڀٽو جي انٽرنيشل اولمپڪس ڪاميٽي جي ٻٽي معيار تي ڇتي تنقيد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري انٽرنيشنل اولمپڪس ڪاميٽي کي ٻٽي معيار تي تنقيد جو نشانو بڻايو.
سوشل ميڊيا ويب سائيٽ انسٽگرام تي پنهنجي اسٽوري ۾ هن اولمپڪس ۾ اسرائيل تي پابندي جو مطالبو ڪيو.
هن لکيو ته 1964 کان 1988 دوران اولمپڪس ۾ ڏکڻ آفريڪا تي پابندي لڳائي وئي هئي ڇو ته اها ان وقت هڪ نسل پرست رياست هئي.
هن فلسطين طرفان آءِ او سي جي ٻٽي رويي تي سوال اٿاريندي لکيو ته انصاف جي عالمي عدالت به اسرائيل کي نسل پرست رياست قرار ڏئي چڪي آهي پوءِ ان تي پابندي ڪڏهن لڳائي ويندي؟
ياد رهي ته سمر اولمپڪس فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ ٿي رهيون آهن، اسرائيل جا 88 ايٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.