ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ تي نيپرا جون اهم هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارتي نيپرا ڪراچي ۾ گرمي ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي بجلي ورڇ ڪندڙ نجي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪي اليڪٽرڪ کي رات جي وقت لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جون سختي سان هدايتون ڪيون ويون.
نيپرا جو چوڻ آهي ته لوڊشيڊنگ انتهائي ضرورت جي وقت به هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ نه ڪئي وڃي.
ڪي اليڪٽرڪ کي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو ۽ چيو ويو آهي ته هدايتن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.