ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف جي نيوٽريشنسٽ اداڪارا جي ڊائيٽ پلان بابت انڪشاف ڪيو آهي.
اِها ته سڀني کي خبر آهي ته ڪترينا ڪيف جو ڳاڻيٽو اهڙين فٽ اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي جيڪي سخت ڊائٽنگ سان گڏ ورزش به پابندي سان ڪنديون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، تازو ئي ڪترينا ڪيف جي نيوٽرريشنسٽ شويتا شاهه ۽ يوگا ٽرينر شلوڪا انٽرويو ڏيندي ڪترينا ڪيف جي ڊائٽنگ جي حوالي سان ٻڌايو.
ڀارتي ميڊيا موجب، اداڪارا گهر ۾ تيار ٿيل کاڌي کي ترجيح ڏيندي آهي ۽ ٻاهر جي کاڌي کان پرهيز ڪندي آهي ايستائين جو هو شوٽنگ ۾ به گهر ۾ تيار ٿيل ماني کائيندي آهي.
ان کانسواءِ ميڊيا رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اداڪارا پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ روزانو منجهند ۽ رات جي ماني کانپوءِ سئو قدم لازمي پنڌ ڪندي آهي.
سندس ڊائيٽ پلان ۾ ڪدو، ۽ آملي جو جوس به شامل آهي، جڏهن ادڪارا ڪاري ڪشمش ۽ سونف جو استعمال به ڪندي آهي.
Next Post
You might also like