سنيل شيٽي مداحن جو دليون کٽي ورتيون

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ هدايتڪار مڪيش ڇابڙا انڪشاف ڪيو آهي ته سنيل شيٽي پنهنجي نياڻي اٿيا شيٽي کي ڊيبيو فلم ” هيرو “ ڪاسٽ ڪرڻ تي تحفي ۾ هڪ بنگلو ڏنو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اِهو انڪشاف مڪيش ڇابڙا پنهنجي تازي انٽرويوءَ دوران ڪيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته جڏهن هن ڪاسٽ ڊائريڪٽر طور ڪم شروع ڪيو ته سنيل شيٽي جو ممبئي جي علائقي آرام نگر ۾ هڪ بنگلو هو ۽ ان وقت هو سندس نياڻي اٿيا شيٽي سان ” هيرو “ فلم جي شوٽنگ ڪري رهيو هو.
هدايتڪار جو چوڻ هو ته هڪ ڏينهن سنيل شيٽي سندس آفيس آيو کيس اِها آفيس ننڍڙي محسوس ٿي ۽ منهنجي مالي حالتن کي ڏسندس پنهنجو آرام نگر وارو بنگلو مون کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو.
مڪيش موجب، سنيل شيٽي چيو ته سندس ڌيءَ اٿيا کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ تي هو کيس بنگلو گفٽ ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته سنيل شيٽي ممبئي ۾ بهترين انسانن منجهان هڪ آهي جنهن جي ڪري مون ڪيئي ڪاميابيون ماڻيون آهن.
مڪيش چيو ته سنيل شيٽي ڪيئي خيراتي ڪم ڪندو آهي پر هو ڪنهن کي به ناهي ٻڌائيندو جيڪا سندس سٺي عادت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.