اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي بابت حڪومت سنجيدگيءَ سان سوچي رهي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ تي پابندي بابت وفاقي حڪومت وٽ مواد موجود آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ کان اڳ سياسي ۽ قانوني پاسن کي ڏٺو ويندو.
هن چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي بابت وفاقي حڪومت سنجيدگيءَ سان سوچي رهي آهي.
ان کان اڳ وفاقي ڪابينا جو اجلاس پي ٽي آءِ تي پابندي واري معاملي تي غور کانسواءِ ئي ختم ٿي ويو، جڏهن ته اڳوڻي صدر عارف علوي، پي ٽي آءِ باني ۽ قاسم سوريءَ تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ وارو معاملو به غور هيٺ نه آيو.
Prev Post
You might also like