اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته مخالف ڌر کي ڦاهي ڏيڻ جي مطالبي تي پي ٽي آءِ باني ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ جهيڙو ٿيو.
پي ٽي آءِ باني جي سوچ جمهوري نه پر آمراڻي ۽ وڳوڙي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت دوران شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري گڏجي هلڻ جي آڇ ڪئي،
پي ٽي آءِ باني سڀني کي جيل حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، بي اعتمادي رٿ جو آئيني طور مقابلو ڪرڻ بدران پي ٽي آءِ باني استعيفيٰ ڏئي هليو ويو.