واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته جمهوريت جو دفاع سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، هن جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪيو.
آمريڪي صدارتي چونڊن تان هٿ کڻڻ بعد قوم کي خطاب ڪندي جوبائيڊن جو چوڻ هو ته ملڪ کي متحد رکڻ جو بهترين رستو اِهو آهي ته قيادت نئين نسل حوالي ڪئي وڃي.
آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پارٽي جي اتحاد لاءِ صدارتي ميدان مان ٻاهر ٿيو، ڪملا هيرس ۾ ملڪ ۽ پارٽي کي متحد رکڻ جي صلاحيت آهي.
جوبائيڊن چيو ته آمريڪا هن وقت فيصلائتي موڙ تي بيٺل آهي، ايندڙ ڪجهه مهينا ملڪ، قوم ۽ دنيا جي قسمت جو فيصلو ڪندا.
آمريڪي صدر اتحاد تي زور ڏيندي چيو ته هنن کي اِهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا هو هاڻ به ايمانداري، شائستگي، احترام، آزادي، انصاف ۽ جمهوريت تي يقين رکن ٿا؟ ان موقعي تي هنن سان اختلاف ڪندڙ دشمن بدران هم وطن آمريڪي جي طور تي ڏسڻو پوندو، ڇا هو اِهو ڪري سگهن ٿا.
جوبائيڊن چيو ته هو پنهنجي صدارت جو رهيل مدو صدر طور پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندو……
Next Post
You might also like