ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي شرميلا فاروقي جي پئرس ۾ ايشيا جي امير ترين امباڻي ڪٽنب سان ملاقات ٿي جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا سميت ڀارتي ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن.
شرميلا فاروقي گذريل ڏينهن پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ جي اسٽوري تي مڪيش امباڻي جي نياڻي ايشيا امباڻي سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون.
ايشيا امباڻي ۽ پنهنجي تصوير جي ڪيپشن ۾ شرميلا فاروقيءَ لکيو ته ” امباڻي امباڻي ڪندي ايشيا امباڻي سان ملاقات ٿي وئي. “
ٻئي پاسي شرميلا فاروقي جي مڙس حشام شيخ گهرواري ۽ پٽ حسين سان گڏ مڪيش امباڻي سان گڏ نڪتل تصويرون شيئر ڪيون آهن، اِها ئي تصوير شرميلا فاروقي به پنهنجي اسٽوري تي شيئر ڪئي.
شرميلا اسٽوري جي ڪيپشن ۾ لکيو ته سندن مڪيش امباڻي سان ملاقات ڊزني لينڊ ۾ ٿي.
ياد رهي ته مڪيش امباڻي جو ڪٽنب اڄڪلهه پئرس ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي جتي پئرس اولمپڪس جي ڪجهه تقريبن ۾ سندن شرڪت جو امڪان آهي.
You might also like