پانڊيا نه مڙيو، طلاق باوجود اڳوڻي گهرواري جي پوسٽن تي تبصرا ڪرڻ لڳو!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا جي اڳوڻي گهرواري نتاشا اسٽينڪويچ سان عليحدگي بعد سندس سوشل ميڊيا پوسٽ ڪيل تبصرو وائرل ٿي ويو آهي.
گذريل هفتي هاردڪ پانڊيا ۽ نتاشا اسٽينڪوويچ سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پنهنجي علحيدگي جو باظابطا اعلان ڪيو هو.
طلاق جي اعلان کان اڳ ڀارتي ميڊيا طرفان رپورٽ ڪيو ويو هو ته نتاشا پنهنجي پٽ آگستيا سان گڏ اباڻي ملڪ سربيا هلي وئي آهي.
نتاشا هاردڪ پانڊيا سان طلاق بعد پهرين انسٽاگرام پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن پٽ آگستيا سان هڪ ٿيم پارڪ جي سير ڪندي تصويرون شيئر ڪيون.
سندس تصويرن تي هاردڪ پانڊيا طرفان تبصري ۾ دل وارو ايموجي پوسٽ ڪيو ويو، هڪ ٻئي ڪمينٽ ۾ هاردڪ اوڪي لکي وڌيڪ ايموجيز جو استعمال ڪيو.
ڀارتي ميڊيا موجب، هاردڪ طرفان اهڙي قسم جو هاڪاري ڪمينٽ اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو جڏهن عليحدگي کانپوءِ نتاشا کي آن لائين ناڪاري تبصرن جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.