9 مئي ڪيس: عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ خلاف درخواستن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق ۽ جسٽس انوار الحق تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جڏهن ته ڪيس ۾ پنجاب جي پراسيڪيوٽر جنرل دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اوهان جوابدار کي فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ لاءِ فورس ته نٿا ڪري سگهو، جڏهن ته جسٽس انوار الحق رمارڪس ڏنا ته اوهان کي ڪڏهن خيال آيو ته هاڻي ماڊرن ڊيوائسز ڏانهن وڃڻ گهرجي؟
پراسيڪيوٽر جنرل فرهاد علي شاهه پنهنجي دليلن ۾ چيو ته فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ جي سهولت جيل جي اندر ئي آهي، ان موقعي تي پراسيڪيوشن کي پورو موقعو نه ڏيڻ زيادتي هوندي، آخر ۾ سڄو الزام پراسيڪيوشن تي پوندو آهي ته اِها ناڪام رهي.
پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته پي ٽي آءِ باني ٽوئٽس ذريعي خاص بيانيو ٺاهيو، جن موبائل ذريعي ٽوئيٽ، واٽس اپ ڪيا ويا ان جي برآمدگي جاچ کانسواءِ ممڪن ناهي.
دليل ٻڌڻ بعد عدالت 12 ڪيسن ۾ عمران خان جي جسماني رمانڊ خلاف درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏنو ۽ پي ٽي آءِ باني جي وڊيو لنڪ تي حاضري جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.