اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن جو وڌيڪ ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
رئوف حسن سميت ٻين جوابدارن کي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو .
ان موقعي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسرن رئوف حسن سميت ٻين جوابدارن جي وڌيڪ رمانڊ جي استدعا ڪئي.
عدالت ايف آءِ اي جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي رئوف حسن سميت نوَ شريڪ جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته پوليس طرفان رئوف حسن کي چار ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي اسلام آباد سيڪريٽريٽ مان گرفتار ڪيو ويو هو.
Next Post
You might also like