اسلام آباد (فخر دراني) حڪومت سائبر ڪرائم سان لاڳاپيل معاملن جا ڪيس تڪڙا اڪلائڻ لاءِ خاص عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهي عدالتون رڳو سائبر ڪرائم ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن جون ٻڌڻيون ڪنديون. اهو فيصلو ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايس پي آر جي سربراهه ميجر جنرل احمد شريف جي پريس ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ آيل "ڊجيٽل دهشتگردي” کانپوءِ ڪيو ويو آهي. اهي خاص عدالتون به سلسلي جي ڪڙي آهن. انهن عدالتن ۾ رياست ۽ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪندڙن خلاف ڪيس هلايا ويندا. تازو گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ رئوف حسن ۽ ٻين اڳواڻن جا ڪيس به انهن عدالتن ۾ هلندا.