اسلام آباد (منيب فاروق) پاڪستان ۾ سياسي حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون آهن، هاڻي ان مان واپسي ممڪن ناهي، اسٽيبلشمنٽ پي ٽي آءِ تي پابنديءَ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، حڪومت رڳو پوسٽ آفيس وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. مسلم ليگ ن کانسواءِ پيپلز پارٽي کي به پي ٽي آءِ ۽ ان جي بانيءَ خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان لاءِ ٻه ڏينهن اڳ انهن به مخصوص سيٽن واري فيصلي کي چئلينج ڪيو آهي ۽ شيري رحمان ۽ خورشيد شاهه جي پريس ڪانفرنس ان سلسلي جي ڪڙي هئي. پي ٽي آءِ تي پابنديءَ لاءِ طريقيڪار تيار نه ڪرڻ معاملي کي پوئتي ڪيو ويو آهي. نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي تي ان حوالي سان دٻاءُ آهي ۽ اهي پوئتي نه ٿا هٽي سگهن، ڇو ته اهي ٻئي نه ٿيون چاهن ته پي ٽي آءِ جا اسٽيبلشمنٽ سان معاملا سڌا ٿين ۽ اها ٻيهر اقتدار جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي وڃي. انهن جي اها ئي خواهش هوندي ته پي ٽي آءِ کي رياست جو رڳڙو لڳندو رهي ۽ اها سائيڊ تي هجي.