ڪوئيٽا (م ڊ ) ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ماهرنگ بلوچ چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي 28 جولاءِ تي گوادر ۾ هڪ قومي جلسو بلوچ راجي مچيڪا منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بلوچ راجي مچي هڪ پرامن سياسي عمل آهي جيڪو بلوچ نسل ڪشي، بلوچستان جي قومي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ بلوچستان ۾ انساني حقن جي هر قسم جي خلاف ورزين خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي تحريڪ جو حصو آهي.هن چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي شروع کان وٺي هڪ پرامن سياسي تنظيم رهي آهي، لانگ مارچ کان وٺي اسان جو سمورو سياسي عمل انتهائي پرامن ۽ نظم و ضبط سان رهيو آهي. بلوچستان ۾ گذريل هڪ مهيني کان بلوچ راجي مچي جون تياريون انتهائي منظم انداز ۾ جاري آهن ۽ ان دوران بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران ڪو به اهڙو قدم نه کنيو ويو آهي جيڪو آئين ۽ قانون جي خلاف هجي. پر گذريل هڪ هفتي کان بلوچ راڄ مچي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته بلوچستان جي مختلف شهرن گوادر، خضدار، پسني، ڪوهلو، قلات، تربت، حب، ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن ۾ اسان جي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ ۽ گرفتار ڪيو پيوکنڀي گم ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه ڪيترن ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسين رياست کي مخاطب ٿيندي چئون ٿا ته بلوچ راج مچي هر حال ۾ ٿيندو ۽ گوادر ۾ ئي ٿيندو. ان لاءِ ڀلي رياست پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري پر جلسو هر حال ۾ ڪنداسين . هوڏانهن بلوچستان اسيمبلي جي عورت ميمبرن ماهرنگ بلوچ کي گڏجي ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته جدوجهد هر ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي پر اها قانون ۽ آئين جي دائري ۾ هجڻ گهرجي. هنن چيو ته ماهرنگ جيڪڏهن پرامن احتجاج ڪرڻ چاهي ته اسان کين سهولت فراهم ڪنداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي رباب بليدي چيو ته بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ عورت ميمبرن جي ڪاڪس جي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، اسيمبلي جي اجلاس ۾ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو، جنهن تي سمورين عورت ميمبرن کي افسوس آهي اسيمبلي جو موقف آهي ته صوبي جي سمورن عورتن لاءِ ڪم ڪيو وڃي.