اسلام آباد(عمر چيما+جاويد چوڌري+نديم ملڪ) ميان نوازشريف جي حوالي سان سندس ناٺي ۽ مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن(ر)صفدر وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا،سندس چوڻ آهي ته نوازشريف ته ٻاهريان واپس اچڻ نه پيو چاهي پر فوجي جنرلن لنڊن پهچي سندس گوڏا پڪڙي چيو ته واپس اچو،عمران خان جي هٿان پاڪستان تباهه ٿي رهيو آهي، هو واپس ته اچي ويو پر اليڪشن ۾ کيس ذليل ڪيو ويو،هن چيو ته رٽائرڊ ججن ۽ ڪامورن کي اليڪشن ڪميشن ۾ نه ويهارڻ گهرجي،اهي ڌانڌلي ڪيرائيندا آهن، انهن ملڪ ٽوڙي ڇڏيو آهي، ڪيپٽن صفدر جي ڳالهه 2017ع جي حوالي سان ته مڃي سگهجي ٿي ته تڏهن واقعي اسٽيبلشمينٽ نوازشريف خلاف سازشون ڪيون هيون پر 2024ع ۾ ته پراڻا گناهه ڌوئڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ هر طرح سان ن ليگ جي مدد ڪئي،ان غيرضروري سپورٽ جي نتيجي ۾ ئي اليڪشن دوران ن ليگ وارا ننڊ پيل رهيا اهي پنهنجي تڪن ۾ ئي نه ويا، پر اليڪشن واري ڏينهن نتيجا پي ٽي آءِ جي حق ۾ نڪري آيا،ڪيپٽن صفدر اها ڳالهه به وساري ويٺو آهي ته سندس ئي حڪومت اليڪشن ٽربيونل ۾ حاضر سروس ججن سان گڏ رٽائرڊ جج لڳائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪري ڇڏي،ڪيپٽن صفدر پنهنجي تقرير ۾ عمران خان جي ان بيانئي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته اداري ۾ ڏار آهن ڪجهه ماڻهو اسان کي پسند ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو ن ليگ کي واپس آڻڻ چاهين ٿا ٻيو هن لنڊن پلان جو به اعتراف ڪري ڇڏيو آهي،