ڳرن بجلي بلن تي عوام ۾ ڪاوڙ وڌڻ لڳي، گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال؟

لاهور(مبشر لقمان+عوامي آواز نيوز)بجلي بل ماڻهن جون حياتيون کسڻ لڳا،گهرو جهيڙا شروع ٿي ويا، گوجرانوالا ۾ بجلي جو ڳرو بل اچڻ تي تڪرار دوران وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ڊسڪه ۾ عورت بجلي بل ادا نه ڪري سگهڻ ۽ بجلي ڪٽجڻ تي سخت گرمي ۾ ٻارن کي تڙپندو نه  ڏسي مايوسي ۾ آپگهات جي ڪوشش ڪئي،امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ لڳي، حڪومت گذريل سال 1198 ارب رپين جي بجلي خريد ڪئي ۽ ڪيپسٽي ادائيگي جي مد ۾ 3127 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي وئي، آءِ پي پيز جي معاهدن ملڪ کي اونهي کاهي ۾ ڪيرائي ڇڏيو آهي، 25 ڪروڙ عوام انهن معاهدن جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، 6 کان 18 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ باوجود بجلي جا بل پهرين کان ڏهوڻ تي وڌيڪ اچي رهيا آهن،حڪومت اهو ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي ڊيڄاري ٿي ته جيڪڏهن آءِ پي پيز سان معاهدا ٽوڙيون ته عاليم سيڙپڪار ڪمپنيون پئسو واپس ٻاهرين ملڪ کڻي وينديون، حالانڪه 52 سيڪڙو آءِ پي پيز حڪومت جي ملڪيت آهن، ظلم جي انتها اها آهي ته سرڪاري آءِ پي پيز به عوام کي لٽي رهيا آهن،هن وقت بجلي يونٽ 60 کان 80  رپيا وصول ڪيو پيو وڃي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته آءِ ايم ايف جي مطالبي جي نالي تي بجلي يونٽ 100 رپيا ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، رزاق دائود ۽ ميان منشا جهڙن آءِ پي پيز مالڪن جون موجون لڳل آهن، ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي ڪري ماڻهو اڳ ئي پريشان هئا  هاڻي بجلي جي اگهن ۾ هر ٻئي ڏينهن اضافي جي ڪري انهن جي مشڪلات ۾ وڌيڪ واڌ ٿي رهي آهي،نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته بجلي جي ڳرن بلن جي ڪري ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي رهيا آهن، ڊاڪٽر دانش ملڪ چيو ته ماڻهن جي پريشاني ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي رهي آهي، هڪ لاوو پچي رهيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي بجلي بلن خلاف اڄ جمعي تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو سڏ ڏنو آهي، چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ضيا الحق شيخ چيو ته حقيقت ۾ آءِ پي پيز جا معاهدا ملڪي صنعت کي کوکلو ڪري رهيا آهن،بجلي بلن جي ڪري صنعتون بند ٿي رهيون آهن،

آءِ پي پيز معاهدا معاشي مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن: آءِ ايم ايف

اسلام آباد(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) روينيو جي صورتحال کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي حڪومت تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته قرض لاءِ شرط هر صورت ۾ پورا ڪرڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ مني بجيٽ  آڻڻي پوندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪو به اهڙو قدم نه کڻي جنهن سان بجيٽ جا هدف متاثر ٿين. زرعي ٽيڪس کي ٽارگيٽ ڪرڻ جو دارومدار صوبن ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ تعاون تي آهي. زرعي ٽيڪس جي هدف جو دارومدار صوبن ۽ وفاق وچ ۾ تعاون تي آهي. زرعي ٽيڪس قانون ۾ لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.  نئون ٽيڪس ڍانچو ٺاهڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن جو تعاون ضروري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي ۽ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري بابت فيصلا نئين آءِ ايم ايف پروگرام تحت ڪيا ويندا. آءِ ايم ايف ذريعن موجب پاڪستان لاءِ نئين قرض پروگرام جي حتمي شڪل تي ڪو به تبصرو نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته اهو نئون قرض پروگرام جي حاصلات تي ڌيان ڏيندو. آءِ ايم ايف ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊالر جي قيمت جو تعين ڪرڻ مارڪيٽ تي ٻڌل آهي. آءِ ايم ايف ذريعن اعتراف ڪيو ته حڪومت مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ حڪومت ٽيڪس مشينري جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف ذريعن موجب نئين آءِ ايم ايف پيڪيج جون قسطون جاري ڪرڻ جو ٽائم لائن تيار ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا معاشي مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. آءِ ايم ايف ذريعن حڪومتي تبديلين جي افواهن تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف سياسي معاملن تي تبصرو نٿو ڪري. هن چيو ته پاڪستان کي سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ ئي قدم کڻڻا پوندا.

ڌرڻي جو رستو روڪيو ويو ته حڪومت ڪيرائينداسين: حافظ نعيم

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪراچي بار جي دعوت تي وڪيلن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته وڪيلن   جمهوريت جي بحالي لاءِ مختلف وقتن تي وڏيون تحريڪون هلايون آهن، اسان کي اهو واقعو به ياد آهي جڏهن وڪيلن کي ساڙيو ويو هو،  حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته قوم هاڻي بجلي جي بلن ۾ رليف وٺڻ لاءِ پاڻ ئي ٻاهر نڪرندي، قوم آءِ پي پيز کي 2800 ارب رپيا وڌيڪ ادا نه ڪندي، گوجرانوالا ۾ بجلي جي بل تي هڪ ڀاءُ ٻئي کي قتل ڪري ڇڏيو، ماڻهو بجلي جي بلن لاءِ ٻارن کي اسڪول مان ڪڍرائي رهيا آهن. حافظ نعيم الرحمن چيو ته پيءِ ۽ ڌي پاڪستان کي پنهنجي ملڪيت سمهجي ويٺا آهن، حڪومت جيڪڏهن اسان جي ڌرڻي جو رستو روڪيو ته حڪومت هلڻ نه ڏينداسين ۽ حڪومت جي خاتمي واري تحريڪ هلائي ويندي، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف جدوجهد ۾ جماعت اسلامي کان گڏ آهيون.

آءِ پي پيز معاهدا حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا، ساليانو ٻه کرب رپيا ادا ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت پاران پرائيويٽ پاور پلانٽس (آءِ پي پيز) کي هر سال 2000 ارب رپيا ڪئپيسٽي پيمنٽ جي مد ۾ ادا ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو خرچ ڀرڻ لاءِ عوام جي کيسي تي ڌاڙو لڳايو پيو  وڃي. حڪومت هڪ آءِ پي پي کان 750 في يونٽ جي حساب سان بجلي خريد ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. اڳوڻي نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته ملڪ ۾ 90 آءِ پي پيز آهن، 2015 ۾ بجليءَ جي طلب 13 هزار ميگا واٽ هئي، پر پئداواري صلاحيت 20 هزار ميگا واٽ هئي، تڏهن آءِ پي پيز کي 200 ارب رپيا ساليانو ادا ڪيا ويندا هئا، هاڻي به طلب اوتري ئي آهي پر پئداوار وڌي 43 هزار ميگا واٽ ٿي وئي آهي ان لاءِ ڪئپيسٽي پيمنٽ ۾ ڏهوڻ تي واڌ ٿي وئي آهي ۽ اها 200 ارب رپين مان وڌي 2000 ارب ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت کي بجليءَ جو في يونٽ 35 رپين ۾ پوي ٿو پر اهو واهپيدارن کي 60 رپين ۾ ڏنو پيو وڃي پوءِ به حڪومت کي کربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو.

آءِ پي پيز سان جن به معاهدا ڪيا، ڏوهه ڪيو آهي: فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته عوام هاڻي پي ٽي آءِ جي ڌرڻن ۾ شامل نه ٿيندو. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولههڪندي فيصل واوڊا چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ وارن کي گرفتار ڪندي ۽ عدالتون ڇڏيندي رهندي، عمران خان جيل مان ٻاهر نه نڪرندو نه ئي واري اقتدار ۾ايندو.هن چيو ته ماڻهو هاڻي پنهنجن ٻارن، نوڪرين ۽ بجلي جي بلن لاءِ پريشان آهن، اهي هاڻي پي ٽي آءِ جي ڌرڻن ۾ شريڪ نه ٿيندا.اسٽيبلشمينٽ هر حڪومت سان گڏ هوندي آهي، هن چيو ته 1994ع کان وٺي هن وقت تائين آءِ پي پيز سان جن به معاهدا ڪيا، اهو ڏوهه ڪيو آهي.

بجلي بلن ۾ رليف لاءِ ڪميٽيون قائم، رليف ملڻ ۾ وقت لڳندو

اسلام آباد (م ڊ) صنعتن واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن، پر صارفين کي رليف ملڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا تنوير حسين چيو ته 200 يونٽن تائين صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ ترقياتي بجيٽ مان 50 ارب رپيا ڪٽيا ويا آهن، صنعتن کي به 10 رپيا في يونٽ رليف ڏنو ويو آهي.

آءِ پي پيز جو تڪرار ارب پتين وچ ۾ جهيڙو آهي: خرم حسين

ڪراچي( م ڊ) آءِ پي پيز معاملي تي ناليواري صحافي ۽ تجزئي نگار خرم حسين چيو آهي ته ڪيپيسٽي پئمينٽ تي هي ارب پتين جو جهيڙو آهي، هن ۾ عوام جو فائدو ناهي. ڊان نيوز جي پروگرام ” زرا هٽڪي“ پروگرام ۾ ڳالهائيندي خرم حسين چيو ته ٽيڪسٽائل لابي شروع کان بجلي ۽ گئس سبسڊي  تي وٺندي رهي آهي. ٽيڪسٽائل لابي جو شروع کان بجلي ۽ گئس سبسڊي تي وٺڻ جو ضد رهيو آهي.عمران دور ۾ هنن جو مطالبو پورو ڪيو ويو، 2018ع ۾ ٽيڪسٽائل لابي کي 9 سينٽ في يونٽ هاڻ 14 سينٽن تي پهتو آهي، جيڪا ڳالهه انهن کي نه ٿي وڻي.هاڻ ٽيڪسٽائل لابي هاڻ عوامي ميدان تي اچي عوام کي آءِ پي پيز کي خلاف تيار ڪرڻ گهري ٿي. گوهر اعجاز به بنا ڪم جي پئسا ڪمائيندو رهيو آهي، هو ريئل اسٽيٽ سهولتڪار آهي. پاڪستان ۾ هر ارب پتي بنا ڪم جي ڪمائيندو رهيو آهي.

60 رپيا بجلي يونٽ تي دڪان ۽ 40 رپين تي گهر نٿا هلي سگهن: علي پرويز

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته 60 رپين جي يونٽ تي دڪان  ۽ 40 رپين جي يونٽ تي گهر نٿو هلي سگهي. علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت بجلي جي بلن جي معاملي تي عوام جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته وزيراعظم 200 يونٽن سان صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ 50 ارب ڏنا پر ان جو مسئلن جو حل مستقل سڌارو آهن. علي پرويز چيو ته آءِ پي پيز 1994ع، 2002ع ۽ 2014ع ۾ ٺاهيون ويون، 40 خاندانن جي ڪهاڻي ۾ جيڪي ماڻهو آهن اهي 1994ع ۽ 2002ع جا آهن ۽ انهن جو حصو رڳو 80 ارب آهي، جيڪڏهن ڪنهن ان ۾ غير قانوني ٽريڊنگ ڪئي آهي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. گهرجي. علي پرويز چيو ته اسان سمجهون ٿا ته 60 رپين جي يونٽ تي دڪان نٿو هلي سگهي ۽ 40 رپين جي يونٽ تي گهر نٿو هلي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته باقي پلانٽس مان ڪجهه سرڪاري پلانٽس ڪوئلي ۽ آر ايل اين جي تي آهن پر انهن جي فنانسنگ چيني بئنڪ ڪئي آهي، جن مشڪل وقت ۾ پلانٽس لڳايا انهن کي ولن نه پر هيرو جي طور تي پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان مسئلن جي حل لاءِ ان سان ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي.  مملڪتي وزير چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن سان 40 کان 50 لک نوان ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ اچي رهيا آهن، جيستائين ويٺا آهيون محدود وسيلن سان اهو ڪم ڪري سگهون ٿا.

ڪي اليڪٽرڪ جي هڪ هٽي ختم ڪئي وڃي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ جنهن طرح ٽيليڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ اجارداري ختم ڪري صارفين کي فائدو پهچايو ويو، اهڙي طرح بجلي تي به فائدو ڏئي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي لائسنس فراهم ڪيا وڃن.نيپرا جي چيئرمين وسيم مختار سان سندس آفيس ۾ ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ بجلي تي هڪ ڪمپني جي اجارداري ختم ڪئي وڃي، آءِ پي پيز کي ڪيپيسٽي چارجز ادا ڪرڻ معيشت تي سڀ کان وڏو نقصان آهي.

ايم ڪيو ايم آءِ پي پيز خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان آءِ پي پيز جي خلاف سنڌ  اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ آءِ پي پيز کي قومي سلامتي جي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي ۽ اسيمبلي ميمبر نجم مرزا طرفان قرارداد جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ ادائيگيون ٿينديون رهيون ته اهو پاڪستان جي بقا جو مسئلو بڻجي  ويندو. قرارداد موجب صنعتي ۽ گهريلو بجلي صارفين جي لاءِ في يونٽ قيمت برداشت نه ڪرڻ جوڳي ٿي چڪي آهي. آءِ پي پيز سان ماضي ۾ ٿيل غلط معاهدن سبب شهرين جي لاءِ بجلي جا ڳرا بل ڀرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آءِ پي پيز سان ٿيندڙ معاهدن تي نظرثاني ڪئي وڃي ڇو ته معاهدن تي وڌيڪ عمل ملڪ ۾ جاري رڪارڊ مهانگائي کي وڌيڪ وڌائيندو جيڪو عوام ۽ پاڪستان ڪنهن جي به حق ۾ بهتر نه آهي.

پي ٽي آءِ دور ۾ بجلي جي اگهن ۾ اضافو ٿيو: مريم اورنگزيب

لاهور(م ڊ) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جا دهشتگرد ڊجيٽل دهشتگردي ڪري رهيا آهن، هڪ شخص پنهنجي قول ۽ فعل  ذريعي رياست تي حملو ڪيو، هڪ جمهوري سياسي پارٽي ۽ دهشتگرد تنظيم ۾ فرق هوندو آهي،  پي ٽي آءِ باني  جي ايڇ ڪيو مٿان حملن جو اعتراف ڪيو، ملڪ سان هڪ خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته 9 مئي جا ثبوت ماڻهن ٽي وي تي ڏٺا، هي ڏوهه جي اعتراف جو نه سزا ڏيڻ جو وقت آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هي ڊجيٽل دهشتگرد پرڏيهي طاقتن سان گڏ رياست تي حملا ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ حڪومتي دور ۾ بجلي جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، جنهن شخص جي هر ڳالهه ڪوڙ تي ٻڌل هجي اهو پولي گرافڪ ٽيسٽ ڇو ڏيندو؟.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.