حيدرآباد(رپورٽر) شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن چيو آهي ته ڪارونجهر سان ننگر پارڪر سميت سڄي سنڌ جي ماڻهن جا جذبا ۽ احساس جڙيل آهن، ان ڪري سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪري، ڪارونجهر ۽ کارسر سميت ننگر پارڪر جي جابلو سلسلي جي سمورن جبلن ۽ ٽڪرين کي نقصان پهچائڻ فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي قومي ورثن کي نيلام ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي چيو ته ڪارونجهر ڪو طعام ناهي جنهن کي پليٽ ۾ رکي ونڊي ورهائي کائي ڇڏجي، ڪارونجهر ڌرتي جو غرور ۽ هٺ آهي، سنڌي ادبي سنگت ڪارونجهر ۽ کارسر سميت ان جي ڀرپاسي وارن ننڍن جبلن ۽ ٽڪرين کي نقصان پهچائڻ خلاف ڀرپور احتجاج ڪندي، ڇاڪاڻ ته ڪارونجهر رڳو هڪ جبل جو نالو ناهي، اهو خوبصورت سلسلي جو نالو آهي، سنڌي ادبي سنگت ڪارونجهر کي نقصان پهچائڻ وارين سازشن جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان معاملي کي ڪاروباري ڪميٽي ۾ کڻي ويندي ۽ اداري ۾ احتجاج سميت ٻي لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين، نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي ماڻهن کي پيارو آهي، سنڌ جا ماڻهو ڪارونجهر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪري ڪارونجهر دشمن ڌرين کي شڪست ڏيندا. هن چيو ته ڪارونجهر هجي يا زمينون سنڌ جي هر شي داءُ تي لڳل آهي، قومي وحدتن جون ملڪيتون ڦٻائڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي جهڙو ادارو ٺاهيو ويو آهي، جيڪيو آئين جي خلاف ورزي آهي، آئيني فورم رڳو گڏيل مفادن واري ڪائونسل آهي، پر ايس آئي ايف سي اهڙو ادارو آهي جيڪو ڪنهن به صوبي جي ملڪيت پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪارونجهر بابت جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجن ارادن کان پوئتي نٿي هٽي ۽ معاملو سپريم ڪورٽ تائين پهچي ٿو ته سنڌ جي سڃاڻ ڌرين کي ان ڪيس ۾ ڌر ٿي ڪري سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ گهرجي، سنڌي ادبي سنگت جي آڊيٽر اياز لطيف دايو چيو ته پيپلزپارٽي ذوالفقار آباد جو بنياد رکي 3 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمينون سازش ڪري نيلام ڪيون، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين منصوبن ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وڪرو ڪيون ويون آهن، ساڳيو ئي طريقو هاڻ ڪارونجهر سان اختيار ڪيو پيو وڃي، ڪارونجهر جي حوالي سان سنڌ جا ماڻهو انتهائي حساس آهن، ڪارونجهر خلاف سازش کي برداشت نه ڪنداسين، سنڌي ادبي سنگت ڀرپور احتجاج ڪندي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ماڻهن سان گڏ هوندي.نامياري شاعر بخشڻ مهراڻوي چيو ته ڪارونجهر فطرت جو شاهڪار آهي، اهو رڳو هڪ پٿر ناهي، ڪارونجهر کي ڏار پوڻ ماڻهن جي احساسن ۾ ڏار پوڻ برابر آهي، ڪارونجهر کي ختم ڪرڻ اتان جي پکين کي جلاوطن ڪرڻ آهي، ڪارونجهر جذبن جي ترجماني ڪندڙ علائقو آهي، ان ڪري ڪارونجهر خلاف ٿيندڙ سازشن جي مذمت ڪيان ٿو ۽ سنڌ جا ماڻهو ڪارونجهر جو تحفظ ڪندا.نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو آهي ته ڪارونجهر ماحوليات توڙي ثقافتي ۽ تاريخي قومي ورثي جي حوالي سان انتهائي حساس ماڳ آهي، دنيا ۾ اهڙي قسم جي جاءِ تي ڊولپمينٽ کان اڳ ۾ ماحولياتي ۽ سماجي اسٽڊي ۽ ڪٿ ٿيندي آهي، ڪارونجهر تي اهڙي قسم جي ڪا به اسٽڊي ئي ناهي ٿي. هن چيو ته ڪارونجهر جهڙي حساس ماڳ جي حوالي سان فرمائشي ۽ سياسي بنيادن تي فيصلا نه ٿيڻ گهرجن، اسلام آباد مان آيل حڪمن تي اهڙن حساس ماڳن تي ڪنهن به قسم جي ڊولپمينٽ نٿي ڪري سگهي، ان ڪري سنڌ حڪومت توڙي ثقافت ۽ سياحت کاتي کي عالمي سطح جي ساک واري ڪنسلٽنگ فرم کان تفصيلي اسٽڊي ڪرائين، ان فرم ۾ ثقافتي، ماحولياتي ۽ سماجي نوعيت جهڙن حساس ماڳن جي اسٽڊي ڪرڻ جي مهارت رکندڙ ماڻهو به شامل هجن، ڪارونجهر سان ماڻهن جا احساس جڙيل آهن، ڪارونجهر کي نقصان پهچائڻ واري ڪنهن به عمل کي نه رڳو ننگر پارڪر پر سڄي سنڌ جا ماڻهو برداشت نه ڪندا.