لاهور ( ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل انوکي ۾ پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي جيڪا تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.
عمر اڪمل انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ڪيئي تصويرون اسٽوري تي لڳايون جنهن ۾ ڪرڪيٽر فلاور پرنٽس جو ” ڪو آرڊ “ لباس ۾ نظر آيو.
عمر اڪمل پنهنجي تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” بورنگ لباس پهرين لاءِ زندگي تمام ننڍي آهي“ .
تصوير جي دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته اِها شيئر ڪندي عمر اڪمل پنهنجو ڪمينٽ سيڪشن بند ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته عمر اڪمل کي پاڪستان سپر ليگ دوران اسپاٽ فڪسنگ جو اطلاع نه ڏين تي معطل ڪيو ويو هو جنهن تي ڪرڪيٽر طرفان معافي به گهري وئي هئي.
قومي ڪرڪيٽر کي 2020 ۾ پي سي بي سموري ڪرڪيٽ سرگرمين کان روڪي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ عمر اڪمل کي 2021 ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملي.
Prev Post
You might also like