وفاقي ڪابينا اجلاس: پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ قيادت تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ بابت فيصلو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، پ پ سميت ٻين اتحادي پارٽين سان صلاح مشوري جو فيصلو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم معاملن تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب، دوست ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن ۽ شهرين کي ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئيم گهرو وزارت جي سمري تي 126 ملڪن جي شهرين کي ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئي آهي، ان ملڪن لاءِ ڊجيٽل ويزا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس وفاقي سرڪار پيڪا ايڪٽ تحت گرفتار جوابدارن جي ٽرائل لاءِ قانوني گهرج پوري ڪري ورتي آهي.
اجلاس ۾ وفاق جي 22-2021 ۽ 23-2022 لاءِ پاليسين تي عملدرآمد ج رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي.
ڪابينا اسلا آباد ۾ پيڪا ايڪٽ تحت ٽرائل لاءِ ڪورٽن جي منظوري ڏني وئي، پي ٽي آءِ جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن ۽ ٻين جو ٽرائل پيڪا ايڪٽ تحت ٿيندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 2 جون جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ عدالتون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن، سول جج ايسٽ اينڊ ويسٽ کي ٽرائل جو اختيار ڏنو ويو آهي.
پيڪا ايڪٽ تحت گرفتارين ۾ اضافي جو امڪان آهي، اسپيڊي ٽرائل ٿيندو ٻين صوبن ۾ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسن جي صلاح مشوري سان جج نامزد ٿيندا.
قانون واري وزارت جي سمري تي وفاقي ڪابينا کان منظوري حاصل ڪئي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، پ پ سميت ٻين اتحادي پارٽين سان صلاح مشوري جو فيصلو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اڳوڻي صدر عارف علوي، عمران خان ۽ قاسم سوري تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ واري معاملي تي به غور ويچار نه ڪيو ويو.
ياد رهي ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو هو ته حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پيپلز پارٽي سان مشاورت ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي جي منظوري ڪابينا ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.