دانشوراڻي ڪرپشن پاڪستان ۾ تباهي آندي،عوام جي ڪاوڙ جائز آهي: عائشه جلال

لنڊن(رضا رومي) تاريخدان ڊاڪٽر عائشه جلال چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر ملڪ جون موجوده حالتون هينئر خراب نه ٿيون آهن ماضي ۾ ڪيل غلطين جو تسلسل به ان ۾ شامل آهي، رياست کي پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي، تضاد ايترو وڌي ويو آهي جو هڪ ٻئي تي اعتبار ناهي رهيو، پولرائزيشن ختم ڪرڻ کانسواءِ مسئلو حل نه ٿيندو، ڪرپشن مالي هجي يا اخلاقي پر جيڪا انٽيليڪچوئل ڪرپشن آهي اهام تمام گهڻي خطرناڪ هوندي آهي،انٽيليڪچوئل ڪرپشن اها هوندي آهي جنهن ۾ توهان سچ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو،هن چيو ته عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي ڪا به حيثيت ناهي، ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ٽيڪس ڏيڻ کانسواءِ ڪا به رياست برقرار نٿي رهي سگهي،اشرافيه جي ويڙهه ۾ عوام رلي ويو آهي،عدليه به ورهايل آهي، اسان هن وقت اسٽرڪچرل تبديلي ڏانهن نه پيا وڃون، ڪو به ملڪ اسٽيبلشمينٽ کان بغير نٿو هلي سگهي،هن چيو ته مهانگائي ۽ عمران خان جي ڪري ماڻهو اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ٿي ويا آهن، ڊالر جو بحران پاڪستانين پاڻ پيدا ڪيو آهي، اها سازش ڪٿي ٻاهرين ملڪ تيار ناهي ٿي، هن چيو ته عمران خان مقبول آهي توهان هن کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو آهي، عمران جڏهن  اقتدار ۾ هو ته تمام گهڻو غيرمقبول هو، پاڪستان جو اصل مسئلو اسٽرڪچرل تبديليون آهن، سياستدانن کي ڊليور ڪرڻو پوندو، عمران خان جيڪڏهن ٻيهر واپس اقتدار ۾ اچي به ويو تڏهن به پاڪستان ٺيڪ نه ٿي سگهندو، هن چيو ته عدليه کي رڳو اسٽيبلشمينٽ، سياسي جماعت مان نه پر عوامي راءِ کان به آزاد ٿيڻو پوندو،پسند جا نه پر آئين مطابق فيصلا ڪرڻا پوندا، هن چيو ته عدليه هميشه فوج جو ساٿ ڏنو آهي پر هن وقت عدليه ۾ به ورهاڱو آهي، عمران پراجيڪٽ جا اثر اڃا به آهن، پي ٽي آءِ کي پنهنجون سيٽون ملڻ گهرجن، سياسي بحران ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي ئي ختم ٿيندو، هن چيو ته نوازشريف کي شرمناڪ طريقي سان 2017ع ۾ هٽايو ويو هو ان ڪري هو ناراض آهي، هن کي خبر آهي ته سڀ ڪجهه فوج ڪندي آهي،هن چيو ته  وفاق ۾ ن ليگ کي حڪومت نه بڻائڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ کي اقتدار ڏيڻ گهرجي ها، عمران خان سياسي ڳٺ جوڙ کان بغير جيل کان ٻاهر نه نڪرندو،عمران خان جو اسٽيبلشمينٽ کي گاريون ڏئي وري ڳالهيون به هن سان ڪرڻ جو ضد سمجهه ۾ نٿو اچي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.