بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڳالهين ۾ فتح ۽ حماس سميت مختلف فلسطيني ڌڙن اختلاف ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.
چين جي ٽياڪڙي ۾ فلسطيني ڌڙن وچ ۾ مصالحتي ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ تي فتح ۽ حماس سميت ٻين ڌڙن اختلاف ختم ڪري هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون، چيني پرڏيهي وزير وانگ يئي معاهدي جي تصديق ڪئي.
سڀني ڌڙن غزا پٽي ۾ فوري جنگ بندي، اسرائيلي فوج جي نيڪالي ۽ امدادي ڪاررواين سميت نئين سر اڏاوت تي اتفاق ڪيو. فلسطيني علائقن ۾ عارضي قومي مصالحتي حڪومت قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، حڪومت جنگ جي خاتمي کانپوءِ غزا پٽي ۽ اولهه ڪناري جو انتظام سنڀاليندي جيستائين ٻيهر چونڊون نٿيون ٿين، چونڊن کانپوءِ نئين فلسطين نيشنل ڪائونسل ٺاهي ويندي.
چيني پرڏيهي وزير اميد ڪئي ته فلسطيني ڌڙا جلد فلسطين جي آزادي حاصل ڪري وٺندا، اسرائيل فلسطيني ڌڙن وچ ۾ معاهدي کي رد ڪندي چيو آهي ته حماس کي چٿيو ويندو.
You might also like