اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف طرفان قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات کانپوءِ پارلياميڻٽ ٻاهران بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.
بک هڙتالي ڪئمپ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان سميت پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر، علي محمد خان، فلڪ ناز چترالي ۽ ٻيا به موجود آهن.
ان موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽي جا ڪجهه خدشا هئا، ان سلسلي ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر وٽ آيا هئاسين.
بئريسٽر گوهر چيو ته اسان سان جيڪي زيادتيون ٿي رهيون آهن ان تي اسان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته غير آئيني ۽ غيرقانوني ڪم ٿي رهيا آهن، اسان ايوان جي سربلندي لاءِ هتي ويٺا آهيون، ايوان ۾ ڪيترائي اوپرا ماڻهو ويٺا آهن جنهن تي اسان کي خدشا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جو علامتي احتجاج رات 8 وڳي تائين روزانو جاري رهندو، احتجاج جو مقصد ناانصافي ۽ زيادتي خاتمي ۽ پي ٽي آءِ باني کي آزادي ڏيارڻ آهي.
You might also like