” سيف ۽ مان روز وڙهندا آهيون“ ڪرينا ڪپور جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار اداڪارا ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مڙس سيف علي خان ان ڳالهه تي شڪر ادا ڪندو آهي ته هن مون سان شادي ڪئي، منهنجي ڀيڻ ڪرشما ڪپور سان نه.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران ڪرينا ڪپور چيو ته مان ۽ سيف ايئر ڪنڊيشن تي وڙهي پوندا آهيون، ڪرينا گرم ماحول کي ترجيح ڏيندي آهي ۽ گرمي پد 20 ڊگري رکڻ تي خوش رهندي آهي جڏهن ته سيف علي خان گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد يعني 16 لاءِ زور ڀريندو آهي.
ڪرينا ڪپور اعتراف ڪندي چيو ته اسان ٻنهي ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي جهيڙا روز جو معمول بڻيل آهن.
اداڪارا چيو ته مون کي خبر آهي ته ڪجهه جوڙن ۾ اي سي جي گرمي پد تي به طلاق ٿي ويندي آهي، جڏهن ڪرشما ڪپور گهر ايندي آهي ته گهر جي صورتحال مختلف ٿي ويندي آهي، ڪرشما عرف لولو چاهي ٿي ته اي سي جو گرمي پد 25 تي هجي، ڪرشما گهر ايندي ئي اي سي جو گرمي پد تبديل ڪري ڇڏيندي آهي.
ڪرينا اچيو ته سيف علي خان ڏاڍو چيڙاڪ آهي، هو ڀوڳن ۾ چوندو آهي ته شڪر آهي مان بيبو( ڪرينا ) سان شادي ڪئي آهي لولو سان نه ڇو ته بيبو گهٽ ۾ گهٽ اي سي جو گرمي پد 19 تي رکڻ تي راضي ٿي ويندي آهي.
ياد رهي ته ڪرينا ڪپور ۽ سيف علي خان جي شادي کي 12 سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، جوڙي کي ٻن پٽن جو اولاد پڻ آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.