پاڪ افغان سرحد تي دهشتگرديءَ جي ارادي سان پهتل 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ڪارروائي ۾ پاڪ افغان بارڊر تي دخل اندازي جي ڪوشش ڪندڙ ٽن دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ضلعي دير ۾ پاڪ افغان سرحد تي دخل اندازي جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن کي سيڪورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان مسلسل عارضي افغان حڪومت کي چوندو رهيو آهي ته سرحد جي چوڌاري موثر بارڊر مينيجمينٽ کي يقيني بڻايو وڃي.
آءِ ايس پي آر چيڳ ته پاڪستان جي سيڪورٽي فورسز پنهنجي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خامتي لاءِ پرعزم آهي.

Pakistan Army ISPR

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.