”زندگين کي خطرو آهي“ جيڪب آباد مان 5 هندو خاندان ڀارت روانا

جيڪب آباد(ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد مان عدم تحفظ جو شڪار 5 هندو خاندان سنڌ کي الوداع ڪري ڀارت روانا ٿي ويا.
قائداعظم روڊ جي رھواسي سنديپ ڪمار، روي ڪمار، پرديپ ڪمار سميت 5 هندو خاندان جي ماڻهن آلين اکين سان سنڌ کي الوداع ڪيو.
ريلوي اسٽيشن تي هندو خاندانن جي ڀارت روانگيءَ دوران ڪيترائي هندو الوداع ڪرڻ پهتا، هندو خاندان جا نوجوان پنهنجن مٽ مائٽن ۽ دوستن کان موڪلائيندي روئي ويٺا.
سنڌ ڇڏيندڙ هندو خاندانن جو چوڻ هو ته هڪ سنڌ ڇڏي ڀارت منتقل ٿيڻ تي ڏکارا آهيون پر مجبوريءَ ۾ اهڙو قدم کڻڻو پئجي رهيو آهي.
هنن چيو ته جيڪب آباد ۾ امن امان جي خراب صورتحال، ڀتاخوري کان تنگ ٿي سنڌ ڇڏي ڀارت روانا ٿي رهيا آهيون.
Sindh Hindo india

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.