گوگل طرفان آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل فيچر آسڪ فوٽو جلد متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
ان فيچر جو اعلان مئي ۾ گوگل جي سالياني ڊيولپر ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيو ويو هو جيڪو آزمائشي مرحلي ۾ آهي.
گوگل جيمنائي تي ٻڌل فيچر ذريعي واهپيدار فوٽو ايپ ۾ وڌيڪ بهتر طريقي سان پنهنجو پسنديدا مواد سرچ ڪري سگهندا.
گوگل طرفان اِهو فيچر واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ بابت فلحال تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا پر محدود ماڻهن ۾ ان جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
هي فيچر جنريٽيو اي آءِ کي استعمال ڪري وڌيڪ تيز رفتاري سان تفصيل گڏ ڪندو ۽ تصويرن ۾ موجود شين جي سڃاڻپ به ڪري سگهندو.
فيچر ذريعي واهپيدار پڇيل سوالن جا جواب به حاصل ڪري سگهندا، هي فيچر گوگل فوٽوز جي سرچ ٽيب ۾ لڪيل هوندو ۽ ان لاءِ آسڪ بٽڻ جو وڌارو ان سروس ۾ ڪيو ويندو.
ان بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ تي هڪ نئون انٽر فيس نظر ايندو جنهن ۾ مختلف سوال موجود هوندا.
ڪمپني طرفان مئي ۾ ٻڌايو ويو هو ته ان فيچر سان واهپيدارن لاءِ هزارين تصويرن مان ڪنهن هڪ تصوير کي ڳولڻ انهتائي سولو بڻجي ويندو، اهڙي ريت اسڪرولنگ ۾ وقت وڃائڻ جي ضرورت نه رهندي.
You might also like