هي سسٽم ۽ حڪومت هلندي، پريشاني جي ضرورت ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته پاڪستان مسئلن تي ضابطو آڻيندو، ماضي جا تجربا ڪڙا آهن پر هاڻي اهڙو ڪجهه نه ٿيندو، هي سسٽم ۽ حڪومت هلندي، ڪنهن پريشاني جي ضرورت ناهي.
ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جي افتتاحي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام ڪنهن قسم جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، ماضي جي ڀيٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار بهتر نظر اچي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو مايوسي پکيڙي رهيا آهن پر ڪا مايوسي جي ڳالهه ناهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام کي رليف ملي، ماڙي پور کان ٽاور تائين هڪ نئين بس روٽ جي شروعات ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته مهانگائي جو طوفان به آهي، بجلي جا اگهه ۽ لوڊشيڊنگ هڪ چئلينج آهي، پاليسي ساز ن ليگ آهي پر پاڪستاني جي طور تي سڀني جي ذميواري آهي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ اهي رليف ڏنا ويا جيڪي گهريا به نه ويا. ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪو مشهور هجي ته ان تي سو خون معاف آهن.
هن فرينڪفرٽ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته هر دور ۾ پاڪستان افغانستان تي ٿورا ڪيا آهن، جيڪي به غيرقانوني طور تي هتي رهي رهيا آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا جي اليڪشن ۾ کوڙ شيون واضح آهن، آمريڪا جي شخص هتي جيل ۾ موجود شخص جي سوچ هڪ ئي آهي، عوام ڪافي جاين تي غلط سوچ رکي ٿو پر عوام انهن ماڻهن کي آڻي جيڪي جوڙڻ جي ڳالهه ڪن، فرق نه ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.