راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي جو توشاخانا جي نئين ڪيس ۾ وڌيڪ 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ويو.
احتساب عدالت جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ 29 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. نيب ٽيم پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي 14 ڏينهن جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي هئي.
عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جو 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو.
نيب ٽيم جوابدارن جي جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 8 ڏينهن جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.
Pakistan PTI Imrankhan