سيالڪوٽ(م ڊ) دفاع واري وزير خواجا آصف حڪومت جي خاتمي جي افواهن تي رد عمل ڏيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ ٿيندڙ حادثن جي نتيجي ۾ ٺهندڙ غير جمهوري ۽ حادثاتي حڪومتن وٽان جنم وٺندڙ نسل ڪنهن حادثي جي انتظار ۾ هر وقت شيرواني سبرائي تيار ويٺي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته اڄ ڪلهه گهڻيون پريس ڪانفرسز ۽ ٽي وي شوز ٿي رهيا آهن، وطن جي سياست 75 سالن ۾ اڻ ڳڻين حادثن کي جنم ڏنو. هن چيو ته جڏهن حالتن ۾ بي يقيني هوندي آهي ته نيون سياسي پارٽيون پريس ڪانفرنس، ٽي وي تي وات کولي ڇڏينديون آهن ۽ قبلو پنڊي ڏانهن ڪري وٺنديون آهن. هن ته شفقت محمود جي سياست پيپلزپارٽي کان شروع ٿي وري مشرف کان ٿيندي شهباز شريف ۽ پي ٽي آءِ تي ختم ٿي،ان کان اڳ سيالڪوٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ادارن ۾ ٽڪراءُ جي ڪيفيت موجود آهي، عدليه پنهنجي تاريخ درست ڪري،فيصلا سياسي نه بلڪه آئيني ۽ قانوني هئڻ گهرجن، عدالتن ۾ ويهي سياسي رمارڪس ڏيندڙ ججن جي همت افزائي نه ٿيڻ گهرجي.