ٽنڊو محمد خان ويجهو ڦليلي ڪئنال کي 200 فٽ گهارو پئجي ويو، گهاري سبب ڪيترائي فصل ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.
ڳوٺ يار محمد ڪنڊرا ڀرسان ڦليلي ڪئنال کي آر ڊي 157 وٽ 200 فٽ گهارو لڳو، ڳوٺاڻن بروقت آبپاشي انتظاميا کي اطلاع ڪيو پر آبپاشي عملو گهارو بند ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل هنڌ نه پهچي سگهيو.
ڳوٺاڻن موجب پاڻي فصل ٻوڙيندو تيزي سان ڳوٺ طرف وڌي رهيو آهي، گهارو بند نه ڪيو ويو ته وڏي تباهي ٿي ويندي، ڳوٺاڻن طرفان آبپاشي عملو فوري طور موڪلي گهارو بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
Pakistan karachi sindh