ويمنز ايشيا ڪپ، پاڪستان جي پهرين ڪاميابي

ويمنز ايشيا ڪپ جي مئچ ۾ پاڪستان نيپال کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دمبولا انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ آچر ڏهاڙي پاڪستان ويمنز ايشيا ڪپ جي پهرين مئچ کٽي ورتي.
پاڪستان پنهنجي ٻئين مئچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، نيپال جي ٽيم پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 108 رنسون ٺاهي سگهي.
گل فيروزا 57 رنسون ٺاهي شاندار اننگز کيڏڻ بعد پويلين رواني ٿي وئي، جڏهن ته منيبا علي 46 رنسون ۽ طوبيٰ حسن هڪ رنس سان ناٽ آئوٽ رهي.

Pakistan womens asiacup

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.