کسيل مينڊيٽ واپس وٺي حڪومت ٺاهينداسين: علي محمد خان

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ نه ڪي پي جي اسيمبلي ٽوڙيندي نه ئي وري قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏني ويندي.
هڪ بيان ۾ علي محمد خان جو چوڻ هو ته فارم 47 وارن لاءِ ميدان خالي نه ڇڏينداسين، هنن ملڪ کي لٽيو آهي، لٽيل مينڊيٽ واپس وٺي حڪومت بڻائينداسين. جنهن جو وزير اعظم عمران خان هوندو.
ياد رهي ته گذريل جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ سميت قومي اسيمبلي مان استعيفائون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان به جي يو آءِ سربراهه جي بيان جي ترديد ڪئي هئي.
Pakistan PTI Imrankhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.