لاهور (م ڊ) اسٽيشنري تي 14 سيڪڙو سيلز ٽئڪس خلاف واپارين سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اشارو ڏنو آهي. انجمن تاجران پاڪستان جي صدر خالد پرويز لاهور ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تعليم تي ظالماڻي ٽئڪس ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت 10 ڏينهن اندر سيلز ٽئڪس واپس وٺي نه ته يارنهين ڏينهن سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي ويندي.