ستر جي ڏھاڪي جي ڳالهه آھي جڏھن اسان جي شھر ٻانڌي جي ڪجھه گھرن ۾ بليڪ اينڊ وائيٽ ٽيلي ويزن جا سيٽ ھئا، شروعات ۾ ڪاٺ جي فريم ۾ ٻن دروازن واري ٽي وي آئي ھئي، اسين ننڍڙا ٻار گڏجي ڪنھن مٽ مائٽ يا پاڙي جي گھرن ۾ وڃي ٽي وي ڏسندا ھئاسين ، اسان جي ويجھن مائٽن چاچا علي نواز يا چاچا قادر بخش جمالي جي گھر ٽي وي ڏسڻ لاءِ سڄي پاڙي جا ٻار گڏ ٿي وڃي ٽي وي جي سامھون ويھي رھندا ھئا، پاڪستان ٽيلي ويزن جا ڊراما ڏسي اندر ۾ ٻاراڻي خواھش جنم وٺندي ھئي ته ڪاش اسين به ٽي وي ڊرامن ۾ ھيرو ھجون، بلڪه ٻار ٽي وي ڊرامن جي اداڪارن کان متاثر ٿي دل ئي دل ۾ پاڻ کي اھڙو اداڪار سمجھندا ھئا، خير ڪراچي ۾ اخبار جي نوڪري ڪندي ڪڏھن گمان ۾ به نه ھئو ته پاڪستان ۾ ٽي وي خانگي بڻجي ويندي ۽ ان ۾ نوڪري به ڪنداسين يا اسڪرين تي اچڻ بعد ننڍپڻ جي معصوماڻي خواھش کي عملي روپ به ملندو.
1991 کان شروع ڪيل اخباري سفر جڏھن سن 2002ع کان اڳتي وڌيو ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي پيمرا ٺھي، خانگي ماڻھن کي ٽي وي لائسنس ملڻ لڳا، جيتوڻيڪ پھريون سنڌي سيٽلائيٽ چئنل به اچي ويو جنھن کي ٺاھڻ وارن شروعاتي ماڻھن جي ٽيم ۾ شامل ھوس، ڇو ته مان ان اخبار ۾ ڪم ڪندو ھوس پر ڪجھه عرصي ۾ اھا اخبار ڇڏي اردو اخبار خبرين ۾ ھليو ويس ،جتان سنڌي اخبار خبرون جي شروعات ٿي پر مان اتي به گھڻو عرصو ھلي نه سگھيس جتان منھنجي بدلي ٻيھر اردو اخبار خبرين ۾ ڪئي وئي، اختلافن سبب مون اھا اخبار ڇڏي ڏني.
ڪجھه ڏينھن کان بيروزگار ويٺو ھوس ته ھڪ ڏينھن پيپلز پارٽي جي ايم پي اي شازيا مري فون ڪري پنھنجي گھر تي رکيل دعوت ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ٻئي ڏينھن سندس گھر تي ھندستان مان آيل ڪجهھ سک اڳواڻن جي مان ۾ دعوت ھئي، ڏھ ٻارھن کن صحافي دعوت ۾ شريڪ ھئا، مانجھاندي بعد مون کان شازيا مري پڇيو ته اوھان اڄ ڪلهھ ڇا پيا ڪريو، مون کيس چيو ته ادي اڄ ڪلهھ مان بيروزگار آھيان، جھٽ سان پڇڻ لڳي ٽي وي تي ڪم ڪندئو، مون کيس چيو بلڪل ڪم ڪندس، شازيا مري تن ڏھاڙن ۾ انڊس ٽي وي تي سياسي ٽاڪ شو به ڪندي ھئي، چوڻ لڳي مون کي انڊس ٽي وي جي مالڪ چيو آھي ته کيس سنڌي ڳالهائيندڙ رپورٽر گھرجي، سو مان ساڻس ڳالهائي ھڪ ٻن ڏينھن ۾ اوھان کي ٻڌايان ٿي، مون چيو ٺيڪ آھي، ٻئي ڏينھن ئي شازيا مري فون ڪري مون کي چيو ته ڳالهه ٿي وئي آھي، اوھان انڊس ٽي وي جي مالڪ غضنفر علي جي خاتون پرسنل اسسٽنٽ کان ٽائيم وٺي ملاقات ڪريو، ھن مون کي پي اي جو موبائل نمبر به ڏنو، ان مھل کيس ڪال ڪيم ته ھن ٻڌايو ته اوھان سڀاڻي صبح جو پھچي وڃو، باس اوھان جو انٽرويو ڪندو. مون چيو ٺيڪ آھي، مزيدار ڳالهه ته ٻئي ڏينھن شھر ۾ ايم ڪيو ايم جي ھڙتال ھجي ، وڏين مشڪلن سان مان ميٽروپول چورنگي ڀرسان انڊس جي آفيس پھتس، سيڪريٽري سان مليس، ھن انتظار ڪرڻ جو چيو ،ڪجهھ وقت بعد باس داخل ٿيو، مون ٻاھر ويٺل ڏسي ھٿ ملايائين ،سيڪريٽري کيس ٻڌايس ته ھي ئي اھو ماڻھو آھي، مون چوڻ لڳو ته اڄ ته ھڙتال آھي تون ڪيئن آئين. مون کيس چيو سائين مان صحافي آھيان، رپورٽر آھيان، ھڙتالون وغيره اسان کي ڇا ڪنديون، اندر گھرائي ھن پگھار وغيره طئي ڪئي، ٻئي ڏينھن کان ئي ٽي وي رپورٽر جي پگھار شروع ٿي وئي، تڏھن انڊس وزن واحد پرائيويٽ ٽي وي چينل ھئو جيڪو شروع ۾ صرف ڊراما ۽ موسيقي ھلائيندو ھئو ، بعد ۾ ان جو نيوز چينل انڊس نيوز شروع ڪيو ويو ھئو ، ھي انڊس نيوز جي شروعات ھئي.
ھي 2004ع جو سال ھئو جتان کان اخباري رپورٽر جو سفر اخبار کان ٽي وي ڏانھن منتقل ٿيو جيڪو اڄ تائين جاري آھي. انڊس نيوز جي زماني جا کوڙ واقعا آھن پر ملڪ جي صدر جنرل پرويز مشرف سان ھڪ دلچسپ واقعو ٿيو، مون آءِ ايس پي آر وارا گوادر جھاز تي ڪئمرا مئن سان گڏ وٺي ويا، ٻئي ڏينھن ملڪ جو صدر ۽ فوج جو سربراھ جنرل پرويز مشرف گوادر بندرگاھ تي ڪم جو معائنو ڪرڻ اچي رھيو ھو. جنرل مشرف جنھن ڏينھن آيو ته سندس ڪوريج تي پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ، اي پي پي کان سواءِ نجي ٽي وي مان اڪيلو رپورٽر مان ھوس، دوري کان پوءِ اسان کي ھڪ ھنڌ مائيڪون جھلي بيھاريو ويو، چيو ويو اوھان صدر صاحب کان ڪجھه سوال ڪجو. اسين چار پنج رپورٽر بيٺا ھئاسين، پھريون سوال ئي مون ڪيو گوادر جي دوري بابت، ھن جواب ڏنو، مون ڏٺو ته ٻيو ڪو سوال ئي نه ٿو ڪري ته مون کائنس ٻيو سوال ڪيو ۽ نيٺ ٽيون سوال سياسي مامرن بابت ڪيو، مون کائنس پڇيو ته گوادر جا مقامي ماڻھو ۽ بلوچستان جا سردار ته گوادر پورٽ جي مسئلي تي خدشن جو اظھار ڪن پيا، مون ڏانھن ڏسي چوڻ لڳو ته ڪھڙا سردار، انھن جي حيثيت ڇاھي، مان انھن کي سڃاڻان ٿو اھي، سردار بزدل آھن مان کانئن ڪونه ٿو ڊڄان، جيڪو وڻين ڪن،کين سبق سيکاريو ويندو.
ڳالهه ٻولھه ته ختم ٿي وئي پر آءِ ايس پي آر کي منھنجا سوال ڪرڻ جو عمل ٺيڪ نه لڳو ، مالڪ کي شڪايت ڪيائون ته ھي ڪھڙو رپورٽر موڪليو ھئو جيڪو چيف صاحب کان ابتا سبتا سوال ڪري رھيو ھئو، بھرحال ٽي وي جي رپورٽنگ جي گذريل ويھن سالن ۾ اھڙا ڪيئي واقعا گذريا، پر انڊس ٽي وي ۽ شازيا مري سبب مان اڄ تائين ٽي وي ۾ رپورٽنگ ڪريان پيو.