محمد شامي انضمام الحق کي چئلينج ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان انضمام الحق جي بال ٽيمپرنگ بابت اُٿاريل سوالن جو جواب ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويوءَ ڏيندي ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران ارشديپ سنگهه تي مڙهيل انضمام الهق جي بال ٽيمپنگ واري الزام تي تبصرو ڪندي چيو ته هو پاڪستاني عوام دوکو ڏيڻ بند ڪري، جيڪڏهن چيمپيئنز ٽرافي 2025 لاءِ آيس ته ٽي بال کڻي ويندس ۽ کيس ڏيکاريندس ته انهن ۾ ڪا به ڊيوائس نه آهي ۽ 20 ماڻهن جي آڏو بال جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيندس.
هن چيو ته مون تي 2023ع جي ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران بال ۾ ڊيوائس لڳائڻ جو الزام لڳايو ويو، ڇا عجيب ٻاراڻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انضي ڀائي جو تمام گهڻو احترام ڪندو آهيان، منجهائنس اهڙن بيانن جي اميد نه هئي.
محمد شامي چيو ته پاڪستاني بالرن کي ريورس سوئنگ جو جادو دنيا کي سيکاريو ۽ هاڻي اهڙا الزام مڙهي رهيا آهن، انضمام الحق ماضيءَ ۾ پنهنجي بالرن طرفان بال سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جو واقعو ياد رکڻ گهرجي.
ڀارتي فاسٽ بالر چيو ته بال ڊيوائس لڳائي سوئنگ ڪرائڻ وارو بيان انتهائي کِل جوڳو آهي، ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته انضمام الحق جو ڳاڻيٽو ريورس سوئنگ جو فن کي متعارف ڪرائڻ وارن ماڻهن ۾ ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.