ٽورنٽو(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور فنڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانج جي مينيجر شو جي بيڪ گرائونڊ ڊانسرز کي معاوضو نه ڏيڻ جي الزام جي ترديد ڪري ڇڏي.
ڀارتي خابرو اداري موجب لاس اينجلس سان واسطو رکندڙ ڪاروباري شخصيت ۽ ڊانس انسٽيٽيوٽ جي مالڪ رجت بٽا سوشل ميڊيا تي دلجيت دوسانج تي الزام لڳايو هو ته فنڪار پنهنجي ”دل لوميناتي ٽور“ ۾ بيڪ گرائونڊ ڊانسر کي معاوضو نه ڏنو ۽ کيس مفت ۾ پرفارم ڪرايو ويو.
رجت بٽا جي الزامن بعد دلجيت دوسانج کي سوشل مڊيا تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پر هاڻي ان حوالي سان فنڪار جي مينيجر جو آفيشل بيان سامهون آيو آهي.
مينيجر سونالي سنگهه چيو ته شو ۾ آفيشل ڪوريو گرافرز ۾ بلوندر سنگهه،پريت چاهل، ديويا ۽ پارٿ شامل آهن.
هن جو چوڻ هو ته مهرباني ڪري جيڪي انهي ٽور جو حصو ناهن اهي غلط خبرون ۽ ڪوڙا الزام لڳائڻ بند ڪن.
India BollyWood Diljeet
Prev Post
You might also like