بابر هرڀرو ڪپتاني جي پويان پئجي ويو، سندس حيثيت ڪپتان کان مٿانهين آهي: محمد آصف

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد آصف چيو آهي ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته بابر اعظم ڪپتاني واري سياست ۾ ڇو ڦاسي پيو آهي.
هڪ انٽرويو دوران اڳوڻي فاسٽ بالر محمد آصف چيو ته بابر اعظم پاڪستان ٽيم لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکي ٿو، هو پرفارم ڪندو آهي ته ٽيم جي پوزيشن مضبوط ٿيندي آهي.
محمد آصف چيو ته موجودا ٽيم ۾ بابر اعظم کانسواءِ اهڙو ڪو به بيٽر نه آهي جيڪو اننگز کي پڄاڻي تائين وٺي وڃي سگهي، بابر اعظم کي اِهو سمجهڻ جو گهرجي ته سندس ڪردار ڪپتاني کان مٿانهون آهي.
هڪ سوال جي جواب اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته ون ڊائون کان پنجين نمبر تائين سڀ اهم پوزيشن آهي، هن سان ٿورو مسئلو آهي جيڪو پريڪٽس ذريعي سڌاري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.