مظاهرين تي فائرنگ بعد بنون” امن مارچ “ ڌرڻي ۾ تبديل، حڪومت پاران جاچ ڪميشن جوڙڻ جو علان

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپخونخوا جي شهر بنون ۾ ٻئي ڏينهن به مقامي ماڻهن جو احتجاج جاري آهي، مارچ ۾ شامل شهري بنون امن جي بحالي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي خيبرپختونخوا حڪومت بنون واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڪي پي سرڪار جي سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر سيف پنهنجي بيان ۾ چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور بنون ۾ جاري صورتحال جو نوٽيس ورتو آهي ۽ان سان گڏوگڏ واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان به ڪيو آهي.
بئريسٽر سيف چيو ته ڪميشن شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو، رپورٽ کي پبلڪ ڪيو ويندو ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ ذميوارن جي نشاندهي ٿي ويندي، جڏهن ته رپورٽ کان اڳ افواهن ۽ بنا تصديق الزامن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
صوبائي صلاحڪار چيو ته حساس هنڌن تي عام طور سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهندي آهي، آپگهاتي حملي ۾ فوجي جوان ۽ شهري شهيد ٿيا هئا، ان علائقي جي حساس نوعيت به 19 جولاءِ واري ناخوشگوار واقعي جو هڪ سبب بڻيو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٿيل امن مارچ دوران اوچتو فائرنگ سبب ڀاڄ پئجي وئي جنهن ۾ چار ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.