ٽرمپ صدارتي اميدوار لاءِ ريپبلڪن پارٽي جي نامزدگي قبول ڪري ورتي

واشنگٽن( م ڊ ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته حملي وقت هڪ انچ جو فاصلو نه هجي ها ته زندگي هلي وڃي ها، اڳوڻي  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هو حملي دوران پنهنجو مٿو نه جهڪائي ها ۽ هڪ انچ جو فاصلو باقي نه هجي ها ته سندس زندگي ضايع ٿي سگهي پئي، آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي اميدوار لاءِ ريپبلڪن پارٽي جي نامزدگي باضابطا طور تي قبول ڪري ورتي آهي، ڊونلڊ ٽرمپ حملي کانپوءِ پنهنجي پهرين تقرير ريپبلڪن نيشنل ڪنوينشن ۾ ڪئي، جنهن دوران هن چيو ته جيڪڏهن هو حملي دوران آخري وقت تي پنهنجو مٿو هيٺ نه ڪري ها ته گولي سندس مٿي ۾ لڳي ها ۽ هو اڄ هن دنيا ۾ هتي نه هجي ها.  آمريڪي ميڊيا موجب اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يوڪرين جي صدر زيلنسڪي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ٽرمپ پاران وائيٽ هائوس ڇڏڻ کانپوءِ يوڪريني صدر سان هي پهريون رابطو آهي. .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.