رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين 106 ڄڻن کي موت جي سزا ڏني وئي. هلندڙ سال 78 سعودي، 8 يمني، 5 ايٿوپيائي، 7 پاڪستاني 3 شامي ۽ سريلنڪا، نائيجيريا، اردن، ڀارت ۽ سوڊان جي هڪ هڪ رهواسي جا سر قلم ڪيا ويا. هلندڙ سال موت جي سزا ماڻيندڙن ۾ 2 عورتون به شامل. سعودي عرب ۾ 2022 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موت جي سزا ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو هو، مارچ 2022 ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 81 ڄڻن کي موت جي سزا ڏني وئي هئي.