راڻي پور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) راڻي پور جي پيراڻي حويليءَ م قتل ٿي ويل فاطمه ڦرڙو واري ڪيس م ڳجھو ٺاھ، فاطمه ڦرڙو جي امڙ ۽ پيءَ نديم فرڙو عدالت۾ لکي ڏنو ته اسد شاھ جي ضمانت کنئي وڃي نديم فرڙو ۽ فاطمه ڦرڙو جي ماءُ دھشتگردي جي انت واري عدالت م قسم نامو جمع ڪرايو آھي ته اسد شاھ کي ضمانت ڏني وڃي فاطمه ڦرڙو جي پيءُ نديم فرڙو ۽ ڪيس جي وڪيل صفدر قناصرو تصديق ڪري ڇڏي آهي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي دھشتگردي جي انت واري عدالت خيرپور ۾ ٿيندي. هوڏانهن ڪيس جي شاھدن گواھن ثانيه ڦرڙو.، اجالا ڦرڙو،محمد حسن فرڙو، نعيم ڦرڙو، صغير فرڙو وري پير سيد فياض حسين شاهه ء حنا شاهه جيلاني کي قسم نامون لکي ڏنو آهي ته فياض شاهه ء حنا شاهه جي ضمانت کنئي وڃي اسان کي ڪو به اعتراض نہ آھي.فاطمه ڦرڙو يارھن مھينا آڳ پيراڻي حويليءَ اندر سندس جو موت ٿيو جنهن جي خبر دنيا ليول تي پکڙجي وئي هئي .فاطمه ڦرڙو ڪيس جو ٺاھ ڪيئن ٿيو فاطمه ڦرڙو جي ماءُ پيءُ کي ڇا مليو آن کي ڳجھو رکي صرف قسم ناما دھشتگردي جي انت واري عدالت م جمع ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته فاطمه فرڙو جي والدين سان رابطو نه ٿي سگهيو.