پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ميزبان عفت عمر پنهنجي نياڻي نورجهان جي مڱڻي جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون .
عفت عمر پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل تي ڌيءُ جي مڱڻي جون ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون آهن جنهن جي پهرين تصوير ۾ سندس نياڻي نورجهان ۽ سندس ناٺي جو هٿ ڏيکاريو ويو آهي.
ٻين تصويرن ۾ عفت عُمر جي نياڻي مغربي لباس ۾ نظر اچي رهي آهي جڏهن ته سندس ناٺيءَ کي پينٽ سوٽ پهريل آهي.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ ناٺي جو نالو ۽ ٻيا تفصيل شيئر ناهن ڪيا جڏهن ته تصويرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس نياڻي نورجهان انگريز شخص سان مڱڻو ڪيو آهي.
عفت عمر پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته سندس ننڍي ڌيءَ جو مڱڻو ٿي ويو آهي ۽ مان هاڻ بظابطا طور سس بڻجي وئي آهي.
ان کانسواءِ اداڪارا سوشل ميڊيا تي ناڪاري تبصرن کان بچڻ لاءِ پنهنجي پوسٽ جو ڪمينٽ سيڪشن به بند ڪري ڇڏيو آهي.
عفت عمر انسٽاگرام تي پنهنجي ڌي ۽ ناٺي جي وڊيو به پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ نئين جوڙي کي مختلف پوز ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي.
اداڪارا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ سمورن گهڻ گهرن جا ٿورا مڃيا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو .
You might also like