ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي سڀ کان تجربيڪار پليئر مليڪا نور عالمي فٽبال تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
مليڪا نور پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ پنجويهه ميچن ۾ کيڏيون، هوءَ 2010ع ۾ ٺهندڙ پهرين پاڪستاني وومين فٽبال ٽيم ۾ شامل ٿي ۽ هنيئر تائين ٿيندڙ اهم ٽورنامينٽس ۾ ڊفينڊر طور پاڪستان فٽبال ٽيم جي نمائندگي ڪئي.
مليڪا نور مختلف ايونٽس ۾ پاڪستان طرفان 25 ميچون کيڏيون، هن 2010 ۾ مالديپ خلاف پاڪستان جي پهرين عالمي فتح ۾ گول اسڪور ڪيو هو.
عالمي فٽبال تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي مليڪا نور چيو ته هي سندس زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو فيصلو آهي ڇو ته هو ان لاءِ تيار نه هئي.
سندس چوڻ هو ته هن جي خواهش هئي ته هوءَ وڌيڪ ڪجهه سال پاڪستان جي نمائندگي ڪري پر هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي انڪري انٽرنيشنل فٽبال تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪرڻو پئجي رهيو آهي، پر ڊوميسٽڪ فٽبال کيڏندي رهنديس.
You might also like