نون ليگ ۽ پ پ قيادت جو اهم اجلاس، پي ٽي آءِ تي پابندي سميت ٻين معاملن تي بحث

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نون سان مشاورتي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف تي پابندي وارو معاملي پارٽي سطح تي غور هيٺ آڻڻ تي اتفاق ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پارٽي مشاورت کانپوءِ پابندي جو فيصلو پارليامينٽ ۽ ڪابينا ۾ غور هيٺ آندو ويندو.
ايوانِ صدر ۾ مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻنهي پارٽين جي اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي.
پ پ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورتي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي، مخصوص سيٽن ۽ بين اهم معاملن تي گفتگو ٿي.
ذريعن موجب، حڪومتي اتحادين وچ ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات جاري رهي، نون ليگ جي قانوني ٽيم پيپلز پارٽي کي پي ٽي آءِ بابت فيصلن تي اعتماد ۾ ورتو، قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل پي ٽي آءِ تي پابندي جي حڪومتي فيصلي جي قانوني نڪتن کان آگاهه ڪيو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ليگل ٽيم مستقبل ۾ انهن فيصلن جي اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو .
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي هر آئيني ۽ قانوني فيصلي سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، مشاورتي اجلاس ۾ گفتگو ٿي ته تحريڪِ انصاف جو رويو جهموري نه آهي، پي ٽي آءِ پاڻ کي سياسي پارٽي سمجهي ٿي ته رويو به سياسي پارٽي جهڙو اختيار ڪرڻو پوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پيپلز پارٽي حڪومتي فيصلن تي پارٽي ۾ مشاورت ۽ سي اي سي کان منظوري وٺڻ جو چيو جڏهن ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ پي ٽي آءِ بابت سمورا فيصلا گڏجي ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل جي حمايت ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ تي پابندي وارو معاملو پهرين پارٽي سطح تي غور هيٺ آڻڻ تي اتفاق ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پارٽي مشاورت کانپوءِ پابندي جو فيصلو پارليامينٽ ۽ ڪابينا ۾ غور هيٺ آندو ويندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪندي اعلان ڪيو هو ته اڳوڻي صدر عارف علوي، پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل ڇهه تحت ڪيس هلايو ويندو،انهن ٽنهي جي خلاف وفاقي ڪابينا کان منظوري بعد اِهو ريفرنس سپريم ڪورٽ اُماڻيو ويندو.
پ پ اڳواڻن طرفان حڪومت جي اهڙي فيصلي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.