اتر ڪوريا جو اڳوڻي سفير تڪار تاءِ يونگ هو ڏکڻ ڪوريا ۾ اهم ترين عهدو ماڻي ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، برطانيا لاءِ اتر ڪوريا جي سفير تاءِ يونگ هو کي ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يئول جي ينوفڪيشن وزارت ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.
تاءِ يونگ هو 2016 ۾ اتر ڪوريا مان فرار ٿي ڏکڻ ڪوريا ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، اتر ڪوريا ۾ مٿس رياست جي فنڊن ۾ گهوٻين سميت ٻيا الزام مڙهيا ويا هئا.
ڏکڻ ڪوريا ۾ هزارن جي انگ ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي اتر ڪوريا جي سخت قانون کان تنگ اچي هتي پناهه وٺي رهيا آهن پر تاءِ يونگ هو اتر ڪوريا مان فرار ٿي ايندڙ پهريون شخص آهي جنهن کي ڏکڻ ڪوريا ۾ نائب وزير جو عهدو ڏنو ويو آهي.
تاءِ يونگ هو 2020 جي پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جڏهن ته هو ٻيو ڀيرو عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو پر هاڻ هو ڏکڻ ڪورين صدر کي پرامن طريقي سان ڪريا جي اتحاد بابت ڪرائتا مشورا ڏيندي نظر ايندو.
ڏکڻ ڪوريا جي صدارتي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تاءِ هونگ هو ڪورين اتحاد لاءِ آزادي پاليسي جي تياري ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سپورٽ لاءِ بهترين چوائس آهي.
Next Post
You might also like