ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مفت بجلي ڏيڻ جو فيصلو ڪندي توانائي واري صوبائي وزير کي منصوبي جو پرپوزل ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ توانائي کاتي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، وڏي وزير جي صلاحڪار احسن مزاري، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 5 لک کان وڌيڪ گهر اهڙا آهن جيڪي گرڊ کان پري هئڻ سبب بجلي کان محروم آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت آهي ته پنج لک بنا بجلي وارن گهرن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي.
صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته 2 لک سولر پينل ورهائڻ واري منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي، توانائي کاتو منصوبو مڪمل ڪري وڏي وزير کي منظوري لاءِ پيش ڪندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پنج ارب رپين جا فنڊ سولرائيزيشن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، سولرائريشن جو منصوبو جلد شروع ڪرڻ جي خواهش آهي، توانائي کاتي جي ٽيم منصوبي جو پلان تيار ڪرڻ ۾ تيزي آڻي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو گهٽ استعمال وارن واهپيدارن کي مفت بجلي ڏيڻ جو منصوبو به توانائي کاتو تيار ڪري.
صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته توانائي کاتو منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ جا 4 لک 41 هزار 483 گهر 50 يونٽ استعمال ڪن ٿا، سيپڪو جا 50 يونٽ استعمال ڪندڙ گهرن جو انگ هڪ لک 25 هزار 500 آهي، حيسڪو جا 50 يونٽ وارن گهرن جو انگ 2 لک 29 هزار 338 آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ 50 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهرن جو انگ لڳ ڀڳ 8 لک آهي.
صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته سئو يونٽ استعمال ڪندڙن جو صوبي ۾ انگ لڳ ڀڳ هڪ ڏهائي 9 ملين آهي، سولر هوم سسٽم سئو واٽ جو پينل، 3 ايل اي ڊي بلب، 35 واٽ جو هڪ پکو ۽ 6 ڪلاڪ بيٽري بيڪ اپ جو هوندو آهي، هڪ سولر هوم سسٽم جي قيمت لڳ ڀڳ 20 هزار ٿئي ٿي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سولر هوم سسٽم ورهايو يا سولر پارڪ لڳايو وڃي، 6 مائڪرو گرڊ ڊويزنل سطح تي ٺاهيون وڃن، هر هڪ گرڊ لڳ ڀڳ 75 ڪلو واٽ جي هجي.
هن چيو ته سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مفت بجلي ڏني وڃي، توانائي وارو صوبائي وزير منصوبي جو پرپوزل ٺاهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته تجويز آهي ته سولر پارڪ قائم ڪري حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي فراهم ڪئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مفت بجلي فراهم ڪن.
وڏي وزير مراد علي شاهه، توانائي کاتي کي ٻئي پرپوزل جلد ٺاهي کيس اماڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن جلد فيصلو ڪري سگهجي.
سئو يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مفت بجلي ۽ سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان
You might also like