ملالا يوسفزئي جي پريانڪا چوپڙا سان نيويارڪ ۾ پارٽي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) نوبيل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي جي عالمي شهرت يافته بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا سان سندس ريسٽورنٽ ” سونا “ ۾ نڪتل تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون .
مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي مالالا يوسفزئي جون ڪجهه تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن جنهن ۾ هوءَ ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا سان گڏ سندس رسٽورنٽ ” سونا “ ۾ موجود آهي.
پريانڪا چوپڙا جو اِهو ريسٽورنٽ نيويارڪ ۾ واقع آهي جتي اڪثر ۽ گهڻي ڀاڱي مشهور فنڪار ۽ بااثر شخصيتون وينديون آهن.
وائرل تصويرن ۾ ملالا يوسفزئي ۽ پريانڪا چوپڙا پنهنجي کاڌي جي ميز سان گڏ ڪرسي تي ويٺي ڪئمرا جي آڏو پوز ڏيندي نظر آيون.
پريانڪا چوپڙا ۽ ملالا يوسفزئي جي ملاقات وقت اداڪارا جو مڙس گلوڪار نِڪ جونس به ريسٽورنٽ ۾ موجود هو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن پريانڪا چوپڙا ۽ ملالا يوسفزئي کي گڏ ڏسي تپي باهه ٿي ويا، واهپيدارن تصويرن تي تبصرا ڪندي ملالا کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.