پاڪستان جو بنون ڇانوڻي حملي تي افغانستان آڏو احتجاج، ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ افغانستان جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري بنون ڇانوڻي تي دهشتگرداڻي حملي تي سخت احتجاج ڪيو ويو.
پرڏيهي وزارت سخت رعمل ڏيندي عبوري افغان حڪومت تي زور ڏنو ته هو مڪمل جاچ ڪري بنون حملي جي ذميوارن خلاف فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري جڏهن ته افغانستان جي سرزمين استعمال ڪندي پاڪستان خلاف اهڙن حملن جي روڪٿام ڪري .
پاڪستان افغانستان اندر دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته افغان دهشتگرد پاڪستان جي سلامتي کي مسلسل خطرو بڻائي رهيا آهن، اهڙا واقعا ٻنهي برادر ملڪن جي گڏيل لاڳاپن جي روح جي به خلاف آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته بنون ڇانوڻي حملو علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ دهشتگردي جي خطرن جي سنگين علامت آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف فيصلائتي ڪارروائي جو مطالبو ڪري ٿو، ان لعنت کي منهن ڏيڻ ۽ سمورن خطرن خلاف پنهنجي سلامتي کي برقرار رکڻ واري پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي.
ياد رهي ته 15 جولاءِ تي بنون ڇانوڻي تي دهشتگردن جي حملي ۾ اٺ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.
دهشتگرد حملو افغانستان ۾ رهندڙ حافظ گل بهادر گروپ ڪيو هو، حافظ گل بهادر گروپ، ٽي ٽي پي سان گڏجي پاڪستان اندر ڪيترن دهشتگرد حملن سوين شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.