پئرس ( ويب ڊيسڪ ) پئرس اولپمڪس کان ٻه هفتا اڳ فرانس جي راڄڌاني ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.
اهڙي فيصلي کانپوءِ مقامي ماڻهو توڻي پرڏيهي سياح پريشان ٿي ويا آهن، پاس کانسواءِ گهمڻ ڦرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي جڏهن ته انتهائي درجي جي زون ۾ ڪيترائي ريسٽورنٽ به بند ڪيا ويا آهن.
پئرس ۾ سيڪيورٽي اولمپڪس مقابلن کي نظر ۾ رکندي وڌائي وئي آهي، ان کان اڳ پئرس جي ريلوي اسٽيشن تي گارڊ کي چاقو جا وار ڪري زخمي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب، چاقو فوجي جي ڪنڌ تي لڳو جنهن سبب هو معمولي زخمي ٿيو پر واقعي واري هنڌ موجود پوليس اهلڪار حملي آور کي سوگهو ڪري ورتو.
ڄاڻايل حملي آور جنهن ” گاڊ گريٽ“ جا نعرا هنيا اِهو عيسائي مذهب جو پيروڪار آهي ۽ آفريڪي ڄائو فرانسيسي آهي، کيس ٻه هزار ڇهه ۾ فرانسيسي شهريت ملي هئي.
Next Post
You might also like