ڄامشورو: ٿاڻي جي مال خاني ۾ گرميءَ سبب هينڊ گرنيڊ ڦاٽي پيو، 4 اهلڪار زخمي، 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي

ڄامشورو ( ويب ڊيسڪ ) ڄامشورو پوليس اسٽيشن جي مال خاني ۾ گرمي جي شدت سبب هينڊ گرنيڊ ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ چار اهلڪار زخمي ٿي پيا.
ڊي آءِ جي طارق نواز موجب، پوليس اسٽيشن جي مال خاني ۾ گرميءَ سبب هينڊ گرنيڊ ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ چار پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٿاڻي جي مال خاني ۾ ڌماڪي سبب ڀت ۽ ڇت جو هڪ حصوپڻ ڪِري پيو آهي، ڌماڪي سبب زخمي اهلڪارن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن کي ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي.
ٻئي پاسي گهرو وزارت ايس ايس پي ڄامشوري کان واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ۽ زخمي پوليس اهلڪارن کي بهتر ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.